جمعو فقير

جمعو فقير

جمعو فقير 2

جمعو فقير2: جمعو فقير نامور نغاري نواز ٿي گذريو آهي، هن 1933ع ڌاري ميوي فقير مڱڻهار جي گهر ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو. هن بنيادي تعليم ۽ فن جي سکيا والد کان حاصل ڪئي، ان کان پوءِ لئي ۽ تال جي گهڻن گرن جي سکيا استاد بي بي خان، استاد پير بخش خان ۽ استاد جمالي خان کان ورتائين. هو خاص ڪري محرم الحرام جي مهيني ۾ امام حسين عليه السّلام جي شان ۾ حيدرآباد ۽ سنڌ جي وڏن وڏن پڙن ۽ درگاهن تي وڃي مرثيا ۽ نوحا چوندو ۽ تال وڄائيندو هو. سنڌ سميت پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيائين ۽ 1986ع ڌاري ڪئناڊا ۽ آفريڪا ۾ به وڃي پنهنجو فن جو مظاهرو ڪيائين. هن ڪيترن ئي شاگردن کي پنهنجي فن جي سکيا ڏني، جن ۾ قاسم فقير، اعجاز فقير، اياز حسين، ڪرم حسين، ممتاز علي، تنوير حسين، فياض حسين، پپو فقير ۽ ٻيا اهم آهن.
جمعي فقير 1988ع ڌاري وفات ڪئي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.00.00  عيسوي

جمعو فقير 1933ع ڌاري حيدرآباد ۾ جنم ورتو.


1988.00.00  عيسوي

جمعو فقير 1988ع ڌاري وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

محمد عباس سومرو
ڄام لکپت
شاهاڻي صاحب سنگھه
ابوالفضل نور احمد سنڌي
پير بهاءُ الدين بها سرهندي
صديقي غلام عمر مخدوم
شيخ موسيٰ آهيداڻي
امام بخش شاهه فدوي
ڀائي ڪنيا
بخشل ٿلهو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون